فزڪس ڇا آهي؟ - PAKWAP.COM https://pakwap.com/ RSS - PAKWAP.COM https://pakwap.com/assets/img/images/logo.png RSS - PAKWAP.COM https://pakwap.com/ admin@pakwap.com (admin) admin@pakwap.com (admin) Tue, 10 Mar 2026 10:07:53 +0500 فزڪس ڇا آهي؟
فزڪس فطرتي دنيا جي بناوت جو اڀياس آهي. اها رياضيءَ جي علم ۾ طبعي دنيا جي ڏيکن کي مڪمل نظرياتي جوڙجَڪ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
فزڪس سراسر ٺيڪ اُوزارن، پوري پوري پيمائشن ۽ نتيجن کي رياضي جي اصطلاحن ۾ظاهر ڪري ٿي.
فزڪس جسم تي لڳندڙ قوتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حرڪت کي بيان ۽ ان جي وضاحت ڪري ٿي.
فزڪس ڪيميا، حياتيات، اررضيات ۽ فلڪيات جي هيئيت جي بنياد کي ٺاهي ٿي. جيتوڻيڪ انهن علمن ۾شامل نظامن جو اڀياس فزڪس جي ماهرن طرفان ڪيل اڀياس کان وڌيڪ منجهيل هوندو آهي پر تنهن هوندي به انهن جي سمورن بنيادي ڏيکن جو اساس فزڪس ئي آهي.
فزڪس کي انجنيئرنگ ۽ حرفت ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي تنهنڪري اڄڪلھ جي حرفتي دنيا ۾ فزڪس جي ڄاڻ تمام گھڻي اهميت رکي ٿي. انهن سببن جي ڪري ئي فزڪس کي اڪثر ڪري اساسي سائنس چيو ويندو آهي. https://pakwap.com/public/topics/46?pid=94 فزڪس ڇا آهي؟ REHAN Sun, 25 Jan 2026 18:14:22 +0500 Messages https://pakwap.com/public/topics/46?pid=94